رتي ٻائي

رتي ٻائي

رتي ٻائي

رتي ٻائي: قائداعظم محمد علي جناح جي شريڪ حيات. رتي ٻائيءَ جو جنم 20 فيبروري 1900ع تي سر ڊنشا پنيٽ جي گھر ۾ ٿيو. 1916ع ۾ جڏهن محمد علي جناح بمبئيءَ جي سياسي حلقن ۾ گھڻو مشهور ٿي چڪو هو ته هن جي ويجھن واسطيدارن ۾ هڪ پارسي دولتمند واپاري، سر ڊنشا پنيٽ به هو، جيڪو رتي ٻائيءَ جو پيءُ هو. جڏهن هن جي جناح صاحب سان ملاقات ٿي ته هوءَ 16 سالن جي هئي ۽ جناح صاحب چاليهن سالن جو هو. رتي پنيٽ ممبئيءَ جي سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ پنهنجي غير معمولي ڏاهپ، شاعراڻي ذوق، سٺي مطالعي ۽ خوش پوشاڪيءَ جي ڪري مشهور هئي. ٻنهي شخصيتن هڪٻئي جو اثر قبول ڪيو، خاص ڪري رتيءَ جي محبت جنون جي حد تائين پهچي وئي، رتيءَ جي والد سر پنيٽ جي کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي ته هن پنهنجي ڌيءَ تي جناح صاحب سان ملڻ تي پابندي وجھي ڇڏي. ائين رتيءَ جي گھٽ عمر کي جواز بڻائي هن جي جناح سان ملاقاتن تي پابنديءَ جو عدالت مان حڪم به ورتو ويو. جناح صاحب قانون جي پاسداري ڪئي ۽ ٻن سالن تائين رتيءَ سان نه مليو، پر جڏهن رتيءَ جي عمر قانوني حوالي سان 18 سالن جي ٿي ته رتي پنهنجي والدين جي دولت کي ٺڪرائي جناح صاحب وٽ پهچي وئي. 18 اپريل 1918ع تي رتي، بمبئيءَ جي جامع مسجد ۾ پيش امام مولانا نذير احمد خنديءَ جي هٿ تي اسلام قبول ڪيو. هن جو اسلامي نالو مريم رکيو ويو ۽ ٻئي ڏينهن جناح صاحب جي نڪاح ۾ اچي وئي. ٻنهي کي هڪ ڌيءُ ڄائي، جنهن جو نالو ’دينا‘ رکيائون.
جناح صاحب شروع ۾ ته پنهنجي گھر واريءَ کي وقت ڏيندو رهيو، پر آهستي آهستي سندس سياسي سرگرميون وڌنديون رهيون. گھٽ وقت ڏيڻ واري معاملي تي زال ۽ مڙس ۾ اختلاف پيدا ٿيا.
رتي، جناح صاحب جي رهائشگاهه ڇڏي، هوٽل ۾ وڃي رهي. انهن ڏينهن ۾ رتيءَ جي صحت به خراب ٿيڻ لڳي هئي. ان دوران جناح صاحب ۽ سندس واسطيدارن اهي دوريون ختم ڪرائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر ڪو نتيجو نه نڪتو. اپريل 1928ع تي رتي شديد بيماريءَ جي ڪري علاج لاءِ پئرس وئي، جناح صاحب به اتي پهتو ۽ مهيني تائين سندس خاطرداري ڪندو رهيو. علاج کانپوءِ رتي هندستان واپس موٽي آئي، جتي جناح صاحب ڪڏهن ڪڏهن سندس طبيعت پڇڻ ويندو هو ۽ سندس وچ ۾ دوري گھٽجڻ لڳي هئي. 28 جنوري 1929ع تي قائداعظم محمد علي جناح دستور ساز اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ دهليءَ ويو ته سندس غير موجودگيءَ ۾ 20 فيبروري 1929ع تي پنهنجي اوڻٽيهين سالگرهه جي موقعي تي رتي جناح وفات ڪري وئي.
جناح صاحب لاءِ لکيو ويو آهي ته زندگيءَ ۾ رڳو ٻه اهڙا موقعا هئا، جڏهن هن پنهنجن نجي جذبن جو کليل نموني اظهار ڪيو ۽ اوڇنگارون ڏئي رُنو هو، هڪ دفعو رتيءَ جي وفات وقت رنو هو ۽ ٻيو 1947ع ۾ هندستان ڇڏڻ وقت رتيءَ جي قبر تي گھڻو رنو هو، جيڪا بمبئيءَ ۾ رهجي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1900.02.20  عيسوي

قائداعظم محمد علي جناح جي شريڪ حيات. رتي ٻائيءَ جو جنم 20 فيبروري 1900ع تي سر ڊنشا پنيٽ جي گھر ۾ ٿيو.


1918.04.18  عيسوي

18 اپريل 1918ع تي رتي، بمبئيءَ جي جامع مسجد ۾ پيش امام مولانا نذير احمد خنديءَ جي هٿ تي اسلام قبول ڪيو. هن جو اسلامي نالو مريم رکيو ويو ۽ ٻئي ڏينهن جناح صاحب جي نڪاح ۾ اچي وئي. ٻنهي کي هڪ ڌيءُ ڄائي، جنهن جو نالو ’دينا‘ رکيائون.


1929.02.20  عيسوي

20 فيبروري 1929ع تي پنهنجي اوڻٽيهين سالگرهه جي موقعي تي رتي جناح وفات ڪري وئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مخدوم سجاد حسين قريشي
راجسٿاني عبدالهادي
رضوي سيد محمد شريف
پاٽائي عبدالوحيد صديقي
درازي سخي قبول محمد فاروقي ٻيو
قربان علي عباسي
عرفانه ملاح
آئزن هاور
پيرزادو حاجي محمد
سُهائي ٽالپر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون